عاليه چنا

عاليه چنا

عاليه چنا

عاليه چنا: مشهور اداڪاره عاليه چنا جو جنم 12 آگسٽ 1983ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. سندس والده شبيران چنا کيس شوبز جي دنيا ۾ آندو. سندس تعليم انٽر آهي. هن فن جي شروعات ٻاراڻن ڪردارن ڪرڻ سان ڪئي. هن 1990ع ۾ پي. ٽي. وي تان پيش ٿيندڙ ٻارن لاءِ پروگرام ‘روشن تارا’ ۾ حصو وٺي پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. عاليه پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي هلندڙ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. سندس مشهور ڊرامن ۾ رواج، هر شخص ڪهاڻي آ، هار، بوبيز ڊرائنگ روم، هائوس نمبر D-70 قابل ذڪر آهن. هوءَ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ سنڌيءَ جا مختلف پروگرام ڪندي رهي ٿي ۽ ماءُ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عاليه چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو